اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي بين المذاهب هم آهنگي جي خاص نمائندي حافظ طاهر محمود اشرفي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ رحمت العالمينﷺاٿارٽي جي قيام، مسلمان امت کي درپيش مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته وزيراعظم جو سيرت رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي جي قيام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ مل??ائڻ جو اعلان انته??ئي خوش آئنده قدم آهي، عشره رحمت العالمين ﷺ مل??ائڻ وزيراعظم عمران خان جو خاتم النبيين ﷺ سان والهاڻي عقيدت جو اظهار آهي. هن چيو ته اولهه ۾ اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي، سيرت النبي ﷺ تي عمل پيرا ٿي مسلمان دنيا کي درپيش مسئلن تي ضآبطو آڻي س??هجي ٿو، هن چيو ته هڪ پرامن اسلامي معاشري کي جوڙڻ لاءِ نوجوانن کي سيرت النبي ﷺ کان آگاهي ضروري آهي، حافظ طاهر اشرفي چيو ته رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي جو قيام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ مل??ائڻ جي قدم جو ملڪ جي اندر ۽ ملڪ جي ٻاهر آجيان ڪئي وئي آهي. نومبر جي پهرين هفتي ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس م??عق?? ڪئي ويندي، طاهر اشرفي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ربيع الاول جي مهيني ۾ سڄي ملڪ ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنسن جو ا??عق??د ڪيو ويندو.
اسد قيصر سان حافظ طاهر محمود اشرفي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس