اسلام آباد – 27 211; ??يپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذر??ائ??جان جي موقف جي حمايت جاري رکندو، آذر??ائ??جان سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذر??ائ??جان جي سفير جي رهائشگاهه تي آزادي جي جنگ جي شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان آذر??ائ??جان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اهي لاڳاپا گڏيل تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثالي تعاون گڏيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو، مشڪل جي هر گهڙي ۾ ٻئي ملڪ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. سينيٽ چيئرمين آذر??ائ??جان جي آزادي جي جنگ جي شهيدن کي خراج عقيدت ڪندي چيو ته آذري ف??ج آزادي جي جنگ ۾ ڪمال مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان نگورنور ڪاراباخ جي مسئلي تي آذر??ائ??جان جي موقف جي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن تحت آذر??ائ??جان جي علائقائي سالميت جي حمايت ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته آذر??ائ??جان سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، سينيٽ چيئرمين آرمينيا کان آزاد ڪرايل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ و??پا??، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، سمورن عالمي فورمن تي آذر??ائ??جان ۽ پاڪستان سدائين هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ مستقبل ۾ به اهو مثالي تعاون جاري رهندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي ڀائيچاري جي فضا ڏٺي وڃي ٿي، پاڪستان، آذر??ائ??جان ۽ ترڪي گڏيل حڪمت عملي جي ذريعي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آذر??ائ??جان جي حڪومت، پارليامينٽ، عوام ۽ سياسي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير به شرڪت ڪئي.
پاڪستان نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي موقف جي حمايت جاري رکندو: سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ