اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته سياحتي ماڳن تي ٽورسٽ ريزرٽ ۽ عالمي معيار جا هوٽل قائم ڪندڙن ل??ءِ حڪومت پاران سهولتن سميت ٽيڪسن ۾ ڇوٽ تي ٻڌل تجويزون پيش ڪيون وڃن ته جئين انهن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سياحت بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سياحت جا بي شمار پوٽينشل موجود آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان پوٽينشل کي مڪمل طور تي استعمال آندو وڃي ۽ سياحتي ماڳن تي عالمي معيار جي سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم جهلم ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ واقع ريسٽ هائوسز ۽ ٻين تاريخي ماڳن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن عمارتن جي بحالي ل??ءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سياحت جي حوالي سان التوا ۾ پيل معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، سياحتي ماڳن تي عالمي معيار جي سهولتن کي يقيني بنايو وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي و??ير محمود خان ۽ ٻين صوبائي عملدار به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي سياحتي ماڳن جي فروغ ل??ءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ چار سياحتي ماڳن ل??ءِ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ مينيجمينٽ ل??ءِ عالمي اداري جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، اهڙي طرح خيبرپختونخوا ۾ به چار انٽيگريٽد ٽورازم زونز جي ماسٽر پلان جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ سياحت جي حوالي سان ذيلي قانون ۽ ريگوليشنز کي حتمي شڪل ڏئي و??ي آهي ۽ جلد ان جو لاڳو عمل ۾ آندو ويندو جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ ان جو لاڳو عمل ۾ آندو پيو وڃي. وزيراعظم کي اٽڪ ۽ بالا حصار قلعي کي سياحتي مرڪز بڻائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي به بري??نگ ڏني و??ي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سياحتي ماڳن تي ايئر سفاري سروس جاري ڪرڻ ل??ءِ سول ايوي ايشن پاران پنهنجي قاعدن ۾ ترميم ڪئي و??ي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ نجي شعبي جي ل??ءِ بي شمار موقعا پيدا ٿي چڪا آهن. اجلاس کي مختلف سياحتي ماڳن ل??ءِ ڊيسٽينيشن مينيجمينٽ پلان جي تياري جي حوالي سان هن وقت جي اڳڀرائي تي به بري??نگ ڏني و??ي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سياحت جي فروغ ل??ءِ چئني صوبن ۾ سينٽر لائزڊ ٽورازم ويب سائيٽ مڪمل طور تي فعال آهي، گورنمينٽ ريسٽ هائوسز ۽ گورنر هائوسز کي عوام جي ل??ءِ دستياب ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي بري??نگ ڏني و??ي.
عالمي معيار جا هوٽل قائم ڪندڙن لاءِ تجويزون پيش ڪيون وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج