مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجو ايمان آهي ته نريندر مودي ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو آهي انهي سان ڪشمير جي آزادي جو رستو نڪرندو، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ سياسي، سفارتي ۽ ميڊي?? جي سطح تي ڪاميابي ماڻي رهي آهي، ڪشميري اڳواڻن سان گڏجي هڪ ڪميٽي جوڙينداسين جنهن کانپوءِ اڳتي جو مرحلو شروع ڪنداسين، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي 11 ڏينهن ۾ پاڪستان کي فتح ڪرڻ ۽ ڀارتي آرمي چيف جي آزاد ڪشمير فتح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪو به شعور وارو ماڻهو نه ٿو ڪري سگهي جڏهن ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت هجن، اهي گهٻرايل ماڻهن جون ڳالهيون آهن، مودي حڪومت 5 آگسٽ جي ق??من کانپوءِ بري طرح ڦاسي وئي آهي، مودي جيڪڏهن پنهنجي تازي ق??م تان پٺتي هٽي ٿو ته ان کي انتهاپسند هندوئن کان خطرو آهي جڏهن ته هو وڌيڪ اهڙا قدم کڻي ٿو ته هو عالمي سطح تي بي نقاب ٿيندو، آر ايس ايس جي نظريي ۽ هندوتو?? جي حوالي سان دنيا اسان جي ڳالهه کي اهميت ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونسازي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.
منهنجو ايمان آهي ته 5 آگسٽ جي قدم سان ڪشمير جي آزادي جو رستو نڪرندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر