اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي لاهور ۾ دل جي مرض واري اسپتال ۾ وڪيلن جي حملي جي مذمت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته انسانيت جي مسيحا سفيد ڪوٽ پاتل ڊاڪٽرن ۽ ڪارو ڪوٽ پاتل قانون جي رکوالن جي وچ ۾ ٽڪراءُ ڪنهن به طرح ملڪ جي معاشرتي نظام ۾ بهتر عمل نه آهي، وفاق، صوبائي حڪومتون ۽ پي ٽي آءِ وڪيل تنظيمون گڏجي سڄي ملڪ جي بار ??ائ??نسلز ۽ وڪيل تنظيمن سان رابطو ڪري اهڙن واقعن جي تدارڪ لاءِ حڪمت عملي جوڙين. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪمي??ي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ڪور ڪمي??ي جي اجلاس ?? ملڪ جي موجوده معاشي، سياسي صورتحال، عوام سان جڙيل مسئلن جي حل لاءِ قدمن ۽ حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم