ميرانشاهه – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ش??هد خاقان عباسي چيو آهي ته فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ خوشحالي جي چاٻي آهي ۽ حڪومت فاٽا جي عوام جي خواهشن موجب ان تي ڪم ڪري رهي آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ش??هد خاقان عباسي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه اتر وزيرستان ايجنسي جي علائقن ميرانشاهه ۽ غلام خا?? جو دورو ڪيو. ميرانشاهه پهچڻ تي وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي جن امن ۽ استحڪام ??ي بحالي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون. وزيراعظم پاڪستان آرمي انجنيئرن پاران نئين تعمير ٿيل ميرانشاهه مارڪيٽ ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن