نيويارڪ – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. اها ملاقات گڏيل قومن جي ??نر?? اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم بڻائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن، ثقافت، تاريخ، گڏيل اعتماد ۽ تع??ون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلجي ويا ??هن ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ اهي وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا ??هن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تع??ون ڪائونسل ذري??ي اداراجاتي رابطن کي ساراهيندي ٻنهي اڳواڻن سياسي، دفاعي، واپاري ۽ سيڙپڪاري مٽاسٽا جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم سان ترڪي جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں