اسلام آ??اد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان کي قائداعظم جي فڪر جي روشني ۾ جديد دور ??ي ترقي يافته رياست بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قوم جي حي??يت سان اسان جي ذميداري آهي ته هڪ اهڙو معاشرو جوڙيون جنهن ۾ رنگ ۽ ??سل يا مذهب ۽ فرقي جي بنياد تي ڪنهن سان امتيازي سلوڪ روا نه رکيو وڃي. هن اه?? ڳالهه يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته 23 مارچ اسان جي ملڪي تاريخ جو هڪ ناقابل فراموش ڏينهن آهي، ڏکڻ ايشيا جي مسلمان امت هڪ عرصي کان پنهنجي شناخت لاءِ ڪوششون ڪري رهي هئي پر ان جي سامهون ڪا متعين منزل نه هئي، انهي تاريخ تي اسان کي هڪ رستو ميسر آيو جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو صرف منزل جو تعين ٿيو پر قيام پاڪستان جي صورت ۾ اسان اه?? منزل حاصل به ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے