اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته پولنگ اسٽيشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي مقرري جو مقصد امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ آهي ته جيئن ووٽ??ز کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. نجي ٽيليويزن سان ڳالهائيندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي جڏهن ته پولنگ اسٽيشنن تي سيڪيورٽي اهلڪارن جي مقرري جو مقصد ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن کي فوري ط??ر تي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں