اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي هٿياربند فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آ??ي ته پوري قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ ملڪ جي دفاع کي هر قيمت تي يقيني بڻائيندي، پاڪستان کي کوکلن بيانن ۽ جارحاڻي انداز سان ڊيڄاري نه ٿو سگهجي، ڀارت کي دنيا جو ڌيان هٽرائڻ لاءِ سرجيڪل اسٽرائيڪس جي ڪوڙين دعوائن جهڙين بيڪار ڪوششن بدران خطي ۾ جامع امن جي لاءِ ڪشمير جي پراڻي تڪرار کي حل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آ??ي ته پاڪستان جو ڪنهن به ملڪ يا قوم جي خلاف ڪو جارحاڻو ارادو نه آهي تنهن هوندي به امن جي اسان جي جستجو جو غلط مطلب وٺي ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان جي هٿياربند فوج قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي ڪنهن به قسم جي خطري کي ناڪام بڻائڻ جي پوري صلاحيت ر??ي ٿي، پاڪستان ۽ ڪشمير کي هڪ ٻئي کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صد??رت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو.
وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ