دمشق -03 جولاءِ (اي پي پي) شام ۾ پا??ستان جي سفير شاهد اختر چيو آهي ته شام پا??ستان ۾ صنعتي شعبي جي ترقي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. شام جي خابرو اداري سانا مطابق انهن خيالن جو اظهار هن دمشق چيمبر آف انڊسٽري جي چيئرمين غزوان المصري س??ن ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي م??ڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار جي شعبن ۾ سهڪار کي ترقي ڏيڻ ۽ گڏيل سيڙپڪاري ۽ شراڪتداري جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پا??ستاني سفير چيو ته شام پا??ستان ۾ دوائن، طبي م??اد، ج??احي جي اوزارن ۽ ڏندن جي علاج ۾ استعم??ل ٿيندڙ اوزارن سان گڏ زرعي سامان، ڳري مشينري ۽ راندين جي سامان جي تياري ۾ هن وقت تائين ڪيل ترقي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. دمشق چيمبر جي عمارت ۾ ٿيل ملاقات دوران غزوان المصري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چيمبر پا??ستان س??ن مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي، ان کان علاوه دمشق چيمبر ٻنهي م??ڪن جي واپارين ۽ صنعتڪارن وچ ۾ رابطي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ هر ضروري سهولت فراهم ڪندو. هن مختلف فورمن تي پا??ستان طرفان شام جي حمايت کي ساراهيو.
شام ۾ پاڪستان جي سفير جي دمشق چيمبر جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار