نيوي??رڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته اسرندڙ ملڪن کي ترقي هدف حاصل ڪرڻ ۾ وسيلن جي کوٽ درپيش آه??، پائيدار ترقي جي ل??ءِ هڪ جهڙي ترقي ضروري آه??، ڪوويڊ – 19 جي عالمي وبا، موسمياتي تبديلين ۽ تڪرارن جي ڪيترن ئي بحرانن اسرندڙ ملڪن جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آه??، ايندڙ ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان موسمياتي انصاف خاص طور تي 100 ارب ڊالر ڪلائميٽ فنڊز جي فراهمي جي اعلان تي عملدرآمد جو منتظر آه??. هو نيوي??رڪ ۾ ايس ??ي جيز سربراهن ۾ فنانس ۽ سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ ۽ ايس ??ي جيز حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ لاڳو ڪرڻ جي ذريعن جي ڊائيلاگ 6 ۾ ڳالهائي رهيو هو. هتي ملنلدڙ پريس ريليز موجب نگران وزيراعظم وسيلن ۽ سيرپڪاري بابت ايس ??ي جيز سمٽ ليڊرز ڊائيلاگ ۾ شرڪت ڪئي. 18 کان 19 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ ايس ??ي جيز سربراهي ڪانفرنس 2030ع جي ايجنڊا ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ ڪوششن جي نشاندهي ڪري ٿي. نگران وزيراعظم پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ايجنڊا 2030ع کي اختيار ڪرڻ جي 8 سالن کانپوءِ ايس ??ي جيز هدف حاصل ڪرڻ تي رڳو 12 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي سگهي آه??. معاشي اڻبرابري پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آه??. پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ اسرندڙ ملڪن کي وسيلا فراهم ڪرڻا پوندا. ڪوويڊ – 19 جي عالمي وبا، موسمياتي ۽ تڪرارن جي ڪيترن ئي بحرانن اسرندڙ ملڪن جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آه??. غربت ۽ غذائي تحفظ ۾ انهن تڪرارن جي سبب اضافو ٿيو آه?? جڏهن ته ان ۾ اخلاقي طور تي ڏيوالپڻو عالمي مالياتي ڍانچي جي ڪري وڌيڪ اضافو ٿيو آه??. نگران وزيراعظم زور ڏيندي چيو ته ايندڙ ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان موسمياتي انصاف جو منتظر آه?? جنهن ۾ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي فراهمي جي واعدي جي تڪميل ان جو اڌ حصو موسمياتي هڪجهڙائي جي ل??ءِ رکڻ ۽ نقصانن جي ل??ءِ فنڊ جي فوري شروعات شامل آه??. نگران وزيراعظم ايس ??ي جيز سربراهه اجلاس جي پڌرنامي ۾ پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن پاران پيش ڪيل ڪيترين ئي تجويزن کي شامل ڪرڻ جي آجيان ڪئي، انهن ۾ گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن جي جلد سيڙپڪاري، خصوصي ڊرائنگ رائٽ جي ٻيهر چينلنگ، عالمي مالياتي فن تعمير جي ترقي ۽ سڌارن ۽ سيڪريٽري جنرل جي ايس ??ي جيز محرڪ جي توثيق شامل آه??. نگران وزيراعظم انهن معاهدن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ جنرل اسيمبلي جو ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جي تجويز ڏني.
اسرندڙ ملڪن کي ترقي هدف حاصل ڪرڻ ۾ وسيلن جي کوٽ درپيش آهي، پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ جهڙي ترقي ضروري آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل