اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونائيٽيڊ انشو??نس ڪمپني کي صارف کي 45 لک رپيا 8 سالن جي منافعي سان گڏ ادا ڪرڻ جو ح??م ڏيندي وفاقي انشو??نس محتسب جي فيصلي جي خلاف يونائيٽيڊ انشو??نس ڪمپني آف پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فيصلي ۾ چيو ته ڪمپني معاملو 8 سالن تائين لٽڪائي رکيو ۽ شهري جي انشو??نس جي رقم تي منافعو ڪمايو، انشو??نس ڪمپني شهري کي 45 لک ڪليم جي رقم سان گڏ 8 سالن جو منافعو پڻ ادا ڪري. تفصيل موجب ڪراچي جي شهري امتياز احمد پنهنجي گاڏي جي لاءِ 45 لک رپين جي انشو??نس پاليسي ورتي، شهري گاڏي کسج?? وڃڻ تي انشو??نس ڪمپني کان 45 لک جي رقم ادا ڪرڻ جو چيو، ڪمپني امتياز احمد پاران گاڏي جي قيمت وڌيڪ ٻڌائڻ جو بهانو بڻائي انشو??نس ڪليم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهري انصاف جي لاءِ وفاقي انشو??نس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. انشو??نس محتسب جي فيصلي جي خلاف انشو??نس ڪمپني صدر کي اپيل ڪئي. صدر انشو??نس ڪمپني جي اپيل کي رد ڪندي ڪليم ادا ڪرڻ جو ح??م ڏنو. صدر چيو ته انشو??نس ڪمپني گاڏي جو پريميم شهري کان 45 لک رپين جي حساب سان وصول ڪيو.
صدر پاران يونائيٽيڊ انشورنس ڪمپني کي صارف کي 45 لک رپيا 8 سالن جي منافعي سان گڏ ادا ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena