اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترقياتي منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودم??تي??ر بڻائيندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي ش??وع ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هي?? هلندڙ مالي ??ال ۾ ترقياي منصوبن بابت اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ احمد خان، شزا فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مالي ??ال 24 – 2023ع ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ان تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي نوجوانن ۽ عورتن جي ترقي، زراعت، صنعت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي ترقياتي منصوبن جي حوالي ??ان تفصيلي ??ريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سڄي پاڪستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم ميرٽ اسڪالرشپ جي شروعات ڪئي پئي وڃي. پوري پاڪستان ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ جي فراهم?? جو عمل جلد ش??وع ڪيو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي. سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. هلندڙ مالي ??ال پٺتي پيل علائقن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودم??تي??ر بڻائيندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي ش??وع ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت جي شعبي جي ترقي ۽ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي پڻ جلد ڪم ش??وع ڪيو وڃي. وزيراعظم سمورن منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورن منصوبن جي مقرر مدي ۽ حڪمت عملي ??ي پڻ تفصيلي ??پورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران ترقياتي منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2