اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) واحد وفاقي پارٽي آهي جنهن کي جڏهن به وطن پڪاريو، ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفاظت سان ڪڍيو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو قائد ميان ??حم?? نواز شريف، پارٽ?? جي ساٿين ۽ عهديدارن ۽ ڪارڪنن جا ٿورا مڃي ٿو جن مون تي اعتماد جو اظهار ڪندي مون کي پارٽ?? جي صدارت لاءِ چونڊيو. پاڪستان مسلم ليگ نواز ميان ??حم?? نواز شريف جي قيادت ۾ سياسي ??رتقا جي مرحلن مان گذرندي ملڪ جي اها واحد وفاقي پارٽي بڻجي اڀري آهي جنهن کي جڏهن جڏهن هن ملڪ پڪاريو، ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفاظت سان ڪڍيو. هن چيو ته اهو پارٽي ڪارڪنن ۽ پارٽي قيادت جي وچ ۾ نه ٽٽندڙ رشتو ئي آهي جنهن جي ڪر?? جيترا ڀيرا به ان کي دٻائي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مسلم ليگ (ن) اڳ کان به وڌيڪ قوت ۽ عوامي حمايت سان ٻيهر اڀري. اڄ منهنجو هن ملڪ جي خدمت جو عزم وڌيڪ پڪو ٿي ويو آهي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته مون کي سدائين قائد ميان ??حم?? نواز شريف جي هڪ اهڙي فرض شناس ڪارڪن طور ياد رکيو وڃي ته جنهن پنهنجون سموريون توانايون، صلاحيتون ۽ سگهه ملڪ پاڪستان ۽ ان جي ماڻهن جي خدمت ۾ لڳايون.
مسلم ليگ (ن) واحد وفاقي پارٽي آهي جنهن کي جڏهن به وطن پڪاريو، ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفاظت سان ڪڍيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena