اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال جي بج??ٽ ۾ بج??ي جي پيداوار، رسد ۽ ورڇ جي بهتريءَ لاءِ 107 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي ??هي. وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وفاقي ڪابينه کان منظوريءَ کان پوءِ وفاقي بج??ٽ جي دستاويز قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بج??يءَ جي پيداواري صلاحيت 41 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي، ان ۾ پن بج??يءَ جو حصو 25 سيڪڙو ??هي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضروري آهيته بج??ي جي پيداوار ۾ ملڪي وسيلن ۽ تجديد جوڳي توانائيءَ جو وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهجي ته جيئن ملڪي آمدني واپار کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ بج??ي جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، ان سان گڏوگڏ بج??ي جي رسد جي نظام ۾ بهتري آڻڻ به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل ??هي. اسحاق ڊار چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ وڌ کان وڌ رسد واري نظام جي بهتري آڻڻ به حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ??هي. اسحاق ڊار چيو ته بج??ي جي شعبي ۾ ڪوئلي مان هلندڙ ڄامشورو پاور پلانٽس 1200 ميگاواٽ جي تڪميل لاءِ اينڊڙ مالي سال ۾ 12 ارب رپين جي رقم رکي ويندي. پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ 500 ڪي وي ٽرانسميشن لائين جي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 16 ارب رپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي ??هي. اين ٽي ڊي سي جي موجوده گرڊ اسٽيشنز ۾ گنجائش ۾ بهتري آڻڻ لاءِ 5 ارب رپيا، سڪي ڪناري، ڪوهالا ۽ محل هائيڊرو پلانٽ مان بج??ي جي رسد لاءِ 13 ارب رپيا ۽ داسو هائيڊرو پاور پلانٽ مان بج??ي جي رسد لاءِ 6 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ??هي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ آمدني واپار تي ڀاڙي ٿو، ان آمدني واپار جي قيمت ۾ ناڻي واڌ جو هڪ اهم سبب آهي ۽ ان جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ اسان جي حڪومت پاڪستاني ڪوئلي جي استعمال ۽ شمسي توانائي کي هٿي ڏيارڻ لاءِ پختو ارادو رکي ٿي. ان س??سل?? ۾ مختلف قدم کنيا پيا وڃن جن ۾ ڪوئلي تي هلندڙ بج??ي جي ڪارڪنن جي ترغيب ڏني پئي وڃي ته هو مقامي ڪوئلو استعمال ڪن. اهڙيءَ طرح سولر پينلز، انورٽر ۽ بيٽريز ۽ خام مال کي ڪسٽم ڊيوٽي کان آجو ڪيو پيو وڃي. خام تيل، ريفائينڊ پيٽروليم شيون اسان جي توانائيءَ جي ضرورتن جو وڏو حصو آهن ۽ ماضيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا انهن شين جي کوٽ پيدا ٿي آهي جنهن سان سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽون آيون، هاڻي اهڙي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پيٽروليم شين لاءِ بانڊڊ بلڪ اسٽوريج جي پاليسي جاري ڪئي پئي وڃي، ان پاليسيءَ تحت پرڏيهي سپلائر پنهنجي مالي وسيلن لاءِ بين الاقوامي منڊيءَ مان خام تيل ۽ پيٽروليم شيون پاڪستان گُهرائي بانڊڊ بلڪ اسٽوريج ۾ ذخيرو ڪندا. ضرورت وقت ريفائنري يا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيءَ کي غير ملڪي سپلائر کان هي شيون خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي.
ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بجلي جي پيداوار، رسد ۽ ورڇ جي بهتريءَ لاءِ 107 ارب رپيا رکڻ جي تجويز
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار