اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 13 مئي کان ٻئي يورپي يونين انڊو پيسفڪ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ اسٽاڪ هوم سوئيڊن جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جو اهو دورو يورپي يونين جي پرڏي??ي معاملن ۽ سلامتي پاليسي وا??ي اعليٰ نمائندي جوزپ بوريل ۽ سوئيڊش پرڏيهي وزير ٽوبياس بلسٽروم جي گڏيل دعوت تي ٿي رهيو آهي. فورم ۾ مملڪتي وزير اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگ?? ڪندي ۽ يورپي يونين سان واپار، سيڙپڪاري، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي، آبهوا، ماحوليات ۽ صحت ۽ رابطن ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو و??ند??. حنا رباني کر فورم ۾ شريڪ اڳواڻن سان پڻ ملاقات ۽ ٻطرفي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام