اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ??رق??، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر ڊاڪٽر احسن اقبال چيو آهي ته ??ُس??ندڙ ملڪن کي قرضن تي رليف جي ضرورت آهي، حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آهن. رٿابندي، ??رق?? واري وزارت ۾ ايس ڊي جيز يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيل ٻوڏ سبب نقصان 46.4 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. ٻوڏ سبب غربت ۾ 3.7 سيڪڙو کان 40 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي، 84 لک کان 91 لک ماڻهو غربت جو شڪار ٿيا، ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک آبادي متاثر ٿي آهي، 25 غريب ترين ضلعن ۾ پڻ 19 ضلعا ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. فرينڊز آف پاڪستان ڪانفرنس 10 جنوري تي منعقد ٿيندي. اهڙو اظهار هن پائيدار ??رق??ءَ واري اداري جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ کانپوءِ ڪيترائي چئلينج موجود آهن، سمورن سارڪ ملڪن کي بهتر زندگيءَ جي معيار جا چئيلنجز سامهون آهن. سارڪ ملڪن ۾ موسمياتي تبديليون، روس ۽ يوڪرين جنگ کان وڌيڪ خطرناڪ آهن. سارڪ ملڪن ۾ موسمياتي تبديليون عالمي برادريءَ جو توجهه چاهين ٿيون، عالمي امدادي ادارا سارڪ ملڪن کي 30 کان 35 سالن جي ڊ??هي مُدي جا قرض ڏين، سارڪ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڊ??هي مُدي وارن فنڊن جي ضرورت آهي. هن چيو ته خطي جي ملڪن کي معاشي، سماجي ۽ موسمياتي تبديليءَ جهڙا چئلينجز آڏو آهن. روس ۽ يوڪرين جنگ سبب ??ُس??ندڙ ملڪن تي دٻاءُ آهي، بين الاقوامي مالياتي ادارا ??ُس??ندڙ ملڪن کي ڊ??هي مُدي جا سستا قرض فراهم ڪن. ڊاڪٽر احسن اقبال چيو ته معاشي بحالي هڪ ڊ??هي مُدي واري ايجنڊا آهن، خطي جي عوام جي ??رق?? ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏيل ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ادائگي جي توازن جا بحران موجود آهن، ??ُس??ندڙ ملڪن کي قرضن تي رليف ڏيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آهن. رٿابندي واري وزارت ۾ ايس ڊي جيز يونٽ قائم ڪيو ويو آهي.وفاقي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب تمام گهڻ?? متاثر ٿيو آهي، ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن، سماجي تحفظ جي پروگرامن تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
اُسرندڙ ملڪن کي قرضن تي رليف جي ضرورت آهي، حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آهن: ڊاڪٽر احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا