اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪميشن ويو ۽ ملڪه ??يل??بيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وز??راعظم پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ملڪه برطانيا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن آنجهاني ملڪه ??يل??بيٿ ٻه جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي هاءِ ڪميشن ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنج?? تاثر پڻ قلمبند ڪيا. سندس اچڻ تي برطانوي هاءِ ڪمشنر هاءِ ڪميشن جي ٻين آفيسرن سان گڏ وز??راعظم جو استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب پڻ وز??راعظم سان گڏ هئي. ان کان اڳ وز??راعظم برطانوي وز??راعظم لز ٽروس کي پڻ خط لکيو هو ۽ شاهي خاندان، برطانوي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملڪه ??يل??بيٿ عوامي مفاد جي لاءِ پنهنجي خدمتن کانسواءِ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي علامت هئي. برطانيا ۾ 7 ڏهاڪن تائين سڀ کان ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ ملڪه ??يل??بيٿ خميس ڏينهن 96 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي برطانوي هاءِ ڪميشن آمد، ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا