اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم ۽ ان کانپوءِ جي قدمن والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي عالمي طور تي تمڃيل تڪراري حيثيت کي نقصان پهچائڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل جيڪي عالمي قانون ۽ ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪرار تي گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت نه رڳو پنهنجون ذميواريون ۽ گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي پاسداري ڪرڻ ۽ ڪش??يري عوام کي انهن جي خودمختياري جي حق کي استعمال ڪرڻ جي پنهنجي قيادت جي پڪي واعدن کان انڪار ڪيو آهي پر هن والاريل ڪش??ير تي پنهنجي غيرقانوني ۽ زبردستي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ دهشتگردي ۽ وسيع پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين جو سلسلو جاري رکيو آهي. ترجمان چيو ته ڀارتي قابض فوج جي هٿان آگسٽ 2019ع کان هيستائين والاريل ڪش??ير ۾ 660 ڪش??يرين کي شهيد ڪيو آهي. والاريل علائقي ۾ جعلي مقابلن ۾ معصوم ڪش??يرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ۽ نام نهاد فوجي آپريشنز، حراستي فوتگين، پيلٽ گنز جو استعمال، جبري گمشدگين، گ??يل سزائن ?? پوري ڪش??يري قيادت کي قيد جون صعوبتون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن انهن کي خودمختياري جي حق لاءِ پرامن ۽ جائز جدوجهد جي لاءِ آواز اٿا??ڻ کان روڪي سگهجي. ترجمان چيو ته والاريل ڪش??ير ۾ 9 لک ڀارتي فوجي مقرر آهن جتي غيرقانوني انتظامي قدمن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ زمينن جي ضبطگي، غيرڪشميرين کي رهائڻ ۽ لکين غيرقانوني ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته انهن قدمن جو مقصد ڪش??يري مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ڀارت انهن ڪاررواين جي باوجود ڪش??يري عوام جي حريت جي جذبي کي دٻائڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي.
ڀارت جا 5 آگسٽ 2019ع جا غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهن: پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر