اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪ??تا?? عراق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، عراق پاڪ??تا?? جي تربيت يافته افرادي قوت مان مستفيد ٿي سگهي ٿو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ??تا?? ۾ عراق جي سفير حامد عباس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪ??تا?? عراق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آه??. ه?? چيو ته پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو. هن جو چوڻ ??و ته گڏيل واپار جو موجوده ماپو ٻنهي ملڪن جي صلاحيت جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس ۾ رابطن کي فروغ سان واپاري ماپي ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.
ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عراق پاڪ??تا?? مان چانور، جراحي اوزار، راندين جو سامان، فرنيچر ۽ ٻيون شيون درآمد ڪ??ي ۽ هتي جي تربيت يافته افرادي قوت مان لاڀ پرائي سگهجي ٿو، هن چيو ته عراق ۽ ايران ۾ زيارت لاءِ ويندڙ زائرين لاءِ هڪ منظم لائحه عمل جوڙيو پيو وڃي، زائرين ۽ عراق ۾ ڪم ڪندڙ پاڪ??تا??ين کي سهولتن جي فراهمي واکاڻ جوڳي آهي ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آئل پائيپ لائين وڇائڻ جو منصوبو خوش آئنده آهي، قاسم سوري چيو ته عراقي قوم بهادر قوم آهي ان ثابت قدمي سان پنهنجي مسئلن تي ضابطو آندو، امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسلامي ملڪن ۾ اتحاد ۽ ويج??و تعاون ضروري آهي، ان موقعي تي عراقي سفير حامد عباس لفته چيو ته عراق پاڪ??تا?? سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن جو چوڻ ??و ته عراق موجوده لاڳاپن کي اقتصادي ۽ واپاري رابطن جي فروغ سان وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.