اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت وزيراعظم قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجي صدارت ۾ جائزي اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ وفا??ي وزير شفقت محمود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ تعليم واري وفا??ي وزارت ??ي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفا??ي وزير شفقت محمود اجلاس کي تعليمي نصاب ۾ شامل سيرت ??لنبي ﷺ جي تعليمات جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ان ڏس ۾ سمورن مڪتب فڪر ??اص طور تي عالم سڳورن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي. استادن جي ٽريننگ ۽ امتحانن جي معيار تي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته سيرت ??لنبي ﷺ ئي اسان جي نئين نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي. آخري نبي ﷺ جي سيرت ??و سڀ کان اهم رخ اخلاق ۽ ادب ۽ حسن طرز زندگي آهي. هن چيو ته سمورن معاشرتي مسئلن جو بهترين حل سيرت ??لنبي ﷺ جي تعليمات ۾ موجود آهي، تاريخ اسلام سان گڏوگڏ رسول الله ﷺ جي حيات مبارڪه مان چونڊ سنهري اصول ٻارن کي پڙهايا ۽ سمجهايا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيو وڃي.
قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر