اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چيئرمين مائو زي تنگ ۽ وزيراعظم چوان لائي ??اڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، پاڪ چين لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا ضامن آهن، چين پاڪستان جي اهم اسٽريٽجڪ، معاشي ۽ ترقياتي ترجيحن جي معاملن ۾ اسان جي مدد ڪئي، قومي ترقي جي لاءِ سي پيڪ جي لازمي هجڻ تي پاڪستان ۾ مڪمل سياسي اتفاق راءِ آهي. اها ڳالهه هن پاڪ چين لازوال دوستي جي 70 سالا جشن جي حوالي سان هڪ ئي ??قت پرڏيهي ??زارت پاڪستان ۽ پرڏيهي ??زارت چين ?? منعقد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي ۽ چيني پرڏيهي ??زير وانگ زي (وڊيو لنڪ ذريعي) تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي ??زير چيو ته 21 مئي 1951ع تي شروع ٿيندڙ ٻطرفن پاڪ چين مثالي لاڳاپن کي 2021ع ۾ 70 سال مڪمل ٿيڻ وا??ا آهن. ان سلسلي ۾ ٻئي ??لڪ ان لازوال دوستي جي 70 سالا جشن جي حوالي سان مختلف تقريبون منعقد ڪندا رهندا. شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته آئون چيني پرڏيهي ??زير وانگ زي سان ??ڏ پاڪ چين لازوال دوستي جي 70 سالا جشن جو افتتاح ڪري رهيو آهيان. گذريل 70 سالن ۾ پاڪ چين لاڳاپا، وسيع البنياد ڊگهي ??دي، سدا بهار اسٽريجڪ حصيداري ۾ تبديل ٿيا. هن چيو ته پاڪ چين لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا ضامن آهن، اسان ??ي خوشي آهي ته پاڪستان انهن اولين ملڪن ۾ شامل آهي جن سڀ کان اڳ چين جي رياست کي تسليم ڪيو. چين پنهنجي محنت جي زور تي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جون ڪيتريون ئي اهم منزلون طئي ڪيون آهن، اڄ چين دنيا جي ٻي وڏي اقتصادي قوت هجڻ سان ??ڏوگڏ عالمي واپار ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي چڪو آهي.
چيئرمين مائو زي تنگ ۽ وزيراعظم چوان لائي پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria