اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مريم صفدر ۽ مولانا فضل الرحمان ته پارليامينٽ ميمبر ئي نه آهن انهن جي ڊيمانڊ تي پارليامينٽرين ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندا، پاڪستان جم??وري ملڪ آهي ان ۾ جم??وري حڪومت کي جم??وري انداز سان ئي هٽائي سگهجي ٿو، ان جي لاءِ آئيني مدو مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو، تاريخ گواهه آهي ته جلسن جلوسن سان ڪا حڪومت ناهي وئي، جيڪڏهن ڪا حڪومت هلئي وئي ته جلسا جلوس ڪندڙن کي ڪجهه به نه مليو، عدالت کان ڀڄي ويندڙ شخص جي صاحبزاديءَ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، مولانا فضل الرحمان پوري سياست ۾ اسلام جي ڪهڙي خدمت ڪئي، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين هوندي ان م??ئل?? لاءِ ڇا ڪيو؟ عمران خان دنيا ۾ ڪشمير م??ئل?? کي زندهه ڪيو، عالمي سطح تي اسلامو فوبيا کي بهتر انداز ۾ اٿاريو، مخالف ڌر جم??وري حڪومت کي هٽائڻ جي لاءِ هر غيرجمهوري طريقو اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، سياسي پناهه وٺندڙن جو مقصد اقتدار ۾ ڪاروبار جي لاءِ ا??ڻ آ??ي. هو نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.
مريم صفدر ۽ مولانا فضل الرحمان جي چوڻ تي ميمبر استعيفيٰ نه ڏيندا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری