اسلام آباد ??? 04 مارچ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) قانوني بئنڪ ذريعن سان مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ جي حوصلا افزائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ?? ان مقصد جي لاءِ 9.6 ارب رپين جي فني ضمني گر??نٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي مختلف يونيورسٽين کي فنڊن جي فراهمي جي ڏس ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي لاءِ 5 ارب رپين جي فني ضمني گر??نٽ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته اجلاس ۾ بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويل صارفين کي زرتلافي ڏيڻ جي مدي ۾ واڌ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ