کٽمنڊو – 06 مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيائي تنظيم (سارڪ) کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان جي ??نش??ر جي مقصدن ۽ اصولن تي ڪاربند رهيو آهي، هن اها ڳالهه سارڪ سيڪريٽريٽ جي دوري دوران پنهنجي خطاب ۾ چئي ۽ سيڪريٽريٽ ۾ ٻوٽو به پوکيو. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان سدائين سارڪ کي خودمختيار برابري جي اصول تي ٻڌل علائقائي تعاون لاءِ هڪ فعال ذريعو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته سارڪ ميمبر مل??ن جي اقتصاديات کي سگهه ڏيڻ ۽ گڏيل اهميت جي مختلف شعبن ۾ حصيداري کي فروغ ڏيڻ لاءِ تمام گهڻي صلاحيت رکندڙ آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تنظيم کي خطي جي معيشت، ثقافت ۽ سماجي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق