ڊيووس – 26 ??نو??ي (اي پي پي) وزي??اع??م شاهد خاقان عباسي سان سوئٽزر لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عمر اشراق گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي، قومي صحت ۽ خدمتن واري وزير سائره افضل تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، وزي??اع??م جو خاص مددگ??ر علي جهانگير صديقي ۽ ٻيا سينئر حڪومتي اهلڪار به ان موقعي تي موجود هئا. وزي??اع??م ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر کي وزي??اع??م صحت پروگرام ۽ پوري ملڪ ۾ حفاظي ٽڪن جي ڪوريج ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو، هن صحت جي جامع سهولتن جي فراهمي جي ڏس ۾ ميڊ ٽرانڪ کي پاڪستان ۾ تربيتي ۽ تعليمي مرڪز کولڻ ۽ پاڪستاني اسپتالن سان حصيداري جي دعوت ڏني.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا