اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان، ايران، چين، ترڪيءَ، روس ۽ افغانستان اهڙا پاڙيسري، دوست ۽ ڀائر ملڪ آهن جن جي جاگرافيائي، گڏيل قد?? ۽ خيال ۽ هڪ جهڙيون حالتون پنهنجي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا وسيع موقعا فراهم ڪن ٿيون، اسان جي جاگرافيائي ويجهڙائپ تاريخ جي ڌارا بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، دهشتگردي هڪ اهڙو مسئلو آ??ي جنهن خطي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مسئلا پيدا ڪيان، پاڪستان ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي هٿياربند فوج خصوصي تجربو ۽ مهارت رکي ٿي جنهن مان اسان جا پاڙيسري ملڪ به فائدو کڻي سگهن ٿا، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي س??ورن دوستن کي مخلصاڻي تعاون جي آڇ ڪريون ٿا. 6 ملڪن جي پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس کي خصوصي مه??ان طور خطاب ڪندي صدر چيو ته خطي جي اهم ترين دوست ۽ ڀائر ملڪن جي اسپيڪرز جي ميزباني منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي. آئون اسلام آباد جي خوبصورت فضائن ۾ دل جي گهرائي سان توهان سڀني جي آجيان ڪريان ٿو.
پاڪستان، ايران، چين، ترڪيءَ، روس ۽ افغانستان پاڙيسري، دوست ۽ ڀائر ملڪ: صدر
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار