اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 4525 ارب رپيا ماليت جا 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گردش هيٺ آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عز??ز جي 5 هزار رپي?? جي نوٽ بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنج هزار جو نوٽ پهريون ڀيرو 27 مئي 2006ع تي جاري ٿي?? هو، هن وقت ملڪ ۾ 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گدش هيٺ آهن ج?? جي ماليت 4525 ارب رپيا آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جيڪو به ڪرنسي نوٽ جاري ڪ??ي ٿي يا پوءِ ختم ڪري ٿي اهو باقاعده قانون موجب هوندو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم ??ري اسٽيٽ بئنڪ ڪجهه وڌيڪ ئي آزاد ڪيو وي?? هو، اهو بنيادي اقتصادي پاليسي جو معاملو آهي، مختصر مدي جي لاءِ ايندڙ نگران حڪومت بدران ايندڙ پارليامينٽ اسٽيٽ بئنڪ جي آزادي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪري ته مناسب ٿيندو، جيڪڏهن اهو معاملو بحث هيٺ آندو وڃي ته ناڻي واري نگران وفاقي وزير ان جو جواب ڏيندي، اسان اهي منظر ڏسڻ نه ٿا چاهيو?? جيڪي اسا?? جي پاڙيسري ملڪ ۾ ڊي موناٽائيزيش?? جي وقت نظر آيا هئا. ان کان اڳ رٿ تي ڳالهائيندي سينيٽر محسن عزيز چيو ته ملڪ ۾ 5 هزار رپين جو نوٽ ناڻي واڌ ۽ بدعنواني جو سبب آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. سينيٽر وليد اقبال چيو ته 5 هزار رپين جو نوٽ جمع ڪرائيندڙن جو رڪارڊ پڻ جوڙڻ گهرجي.
ملڪ ۾ هن وقت 4525 ارب رپيا ماليت جا 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گردش هيٺ آهن: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil