مظفر آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيرا??ظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت 27 آڪٽوب?? تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جُون ٻيُون عالمي تن??يمُون ڀارت کي ڪشميرين تي جاري ظلمن کان پري نه رکي سگهيُون، ڪشميري هر سال ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ٿا، ڀارت طاقت جي زو?? تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪشمير جي وزيرا??ظم چوڌري انوارالحق 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن ڀارت 1947ع تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نريندر مودي گڏيل قومن جي ڪشمير بابت قراردادن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن ۽ 5 اگسٽ 2019ع تي رياست ۾ سياسي نظام کي لپيٽيندي سياسي قائدين کي نظربند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميرين جي خودمختاري جو حق عالمي سطح تي مڃيل حق آهي جنهن جي لاءِ ڪشميري عوام 7 ڏهاڪن کان مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ قربانيون ڏئي رهيا آهن. آزاد ڪشمير جي وزيرا??ظم چيو ته ڪشميري عوام اڄ به پنهنجي من??فاڻي جدوجهد تي ڄميل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام ڪشميرين جي پويان بيٺل آهن. آزاد ڪشمير جي وزيرا??ظم چيو ته ڀارت طاقت جي زو?? تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي.
27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي: آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ