پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي شهيد ڪمانڊ??ٽ صفوت غيور جي قبرن تي فاتحه خواني ڪئي. پشاور جي دوري دوران نگران و??يراعظم اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نگران و??يراعظم فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي شهيد ڪمانڊ??ٽ صفوت غيور کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ سن??س قبر تي ويو، فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي دستي شهيد صفت غيور کي سلامي پڻ پيس ڪئي. نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ شهيد صفت غيور کي خراج عقيدت پيش ڪندي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته شهيد صفوت غيور هڪ عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، اسان ملڪ جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن جا مقروض آهيون جن پنهنجا فرض سرانجام ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي شهيد ڪمانڊنٽ صفوت غيور جي قبرن تي فاتحه خواني
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات