اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو، ڪشمير جو مس??لو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي لاءِ اٿ??ريل آواز تي خراج تحسين ??يش ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم کي دنيا آڏو بي ن??اب ڪرڻ تي اسان ڪشميري توهان جا ٿورائتا آهيون. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هر طرح سان انهن سان گڏ آهي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير جو مس??لو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. هن چيو ته جيستائين ڪشمير مس??لي جو حل گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪ??ميرين جي خواهش موجب نه ٿو ٿئي، اسان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون.
پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز