اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مهانگي ٿرمل توانائي کي 10 ه??ار ميگاواٽ شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي ا??قل??بي قدم تحت حڪومت بجلي جي پيداوار جي لاءِ شمسي توانائي جي ا??قل??بي منصوبن جي شروعات ڪئي آهي جنهن تحت گذريل ڏينهن هڪ لک ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ه?? چيو ته ٽيوب ويلز جي سولر??ئي??يشن سان آبادگارن کي سستي بجلي ملندي. وزيراعظم چيو ته ان قدم سان زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ خوراڪ جي ضرورتن ۾ پاڻڀرائپ حاصل ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اسان جي معيشت هائي پاور ٽيرف سان ترقي نه ٿي ڪري سگهي، اسان کي مهانگي ٻار?? تي هلندڙ پاور پلانٽس کي تبديل ڪرڻو پوندو، مهانگي ٻارڻ سان هلندڙ پاور پلانٽس عوام تي بار ۽ گردشي قرضن ۾ اضافي جو سبب آهن. وزيراعظم چيو ته ٽيوب ويلز جي سولر??ئي??يشن منصوبي تي 377 ارب رپيا خرچ ٿيندا. هن چيو ته سولر، نيوڪليئر ۽ ڪول پاور منصوبن کانسواءِ مخلوط حڪومت هائيڊرو پاور منصوبن جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو آهي، اسان ڀائر ملڪ سعودي عرب کي ديامير ڀاشا ڊيم ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي.
مهانگي ٿرمل توانائي کي 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي انقلابي قدم تحت حڪومت بجلي جي پيداوار جي لاءِ شمسي توانائي جي انقلابي منصوبن جي شروعات ڪئي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena