ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ڪاروبار دوست پاليسين سان ملڪ جي معيشت جي بحالي ۾ سرگرم عمل آه??، اسان معاشي بحالي، عالمي حصيدارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي اعتماد جي بحالي جي مقوعي کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين محمد اورنگزيب جي قيادت ۾ پي بي سي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ سال دوران اتحادي حڪومت جي ڪوششن سان پاڪستان کي درپيش ڏيوالپڻو ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو، اتحادي حڪومت ۾ شامل سمورين پارٽين حڪومت جي هر فيصلي ۾ تعاون ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آه??. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ڪاروبار دوست پاليسين سان ملڪ جي معيشت جي بحالي ۾ سرگرم عمل آه??، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيڻ اسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آه??. وزيراعظم چيو ته الحمدالله هاڻي پاڪستان جي معيشت ترقي طرف گامزن آه??، اسان معاشي بحالي، عالمي حصيدارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي اعتماد جي بحالي جي موقعي کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان ۾ سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي آه??. هن چيو ته ڪاروباري برادري نه رڳو ملڪ ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪري ٿي پر ملڪي روانگي وا??ار ۾ اضافي سان پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿي، توهان سمورا اهي باصلاحيت ۽ باهمت ماڻهو آه??و جن پاڪستان ۾ مشڪل حالتن جو مقابلو ڪيو، توهان سڀني ??ون ڪوششون ساراهه جوڳيون آه??. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد پاڪستان جي معاشي بحالي خاص طور تي گذريل هڪ سال کان وڌيڪ عرصي دوران وفاقي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف سان حڪومت جي ڪامياب معاهدي جي لاءِ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري جي لاءِ سدائين وقت ڪڍڻ ۽ انهن جي تجويزن کي حڪومتي پاليسي جو حصو بڻائڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان بزنس ڪائونسل جي تجويزن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ واپاري برادري سدائين ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگا?? رهي آه??. ملاقات ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پارليامينٽ ميمبر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ڪاروبار دوست پاليسين سان ملڪ جي معيشت جي بحالي ۾ سرگرم عمل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز