اسلا?? آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت اسٽيبلشمينٽ ڊو??زن جي 8 اسڪيمن جي لاءِ 840 ملين ??پي?? رکيا ويا آهن، انهن ۾ 5 جاري ۽ 3 نيون اسڪيمون شامل آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب اسٽيبلشمينٽ ڊو??زن جي جاري اسڪيمن جي لاءِ 619.395 ملين ??پي?? رکيا ويا آهن، انهن اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪا??و 1406.757 ملين ??پي?? لڳايو ويو جنهن مان 30 جون 2023ع تائين 792.761 ملين رپين جي خرچن جو اندازو لڳايو ويو آهي. ان ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران امتحان منعقد ڪرڻ جي لاءِ ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ، سول سورسز اڪيڊمي والٽن لاهور ۾ بولان هاسٽل جي ٻئي فلور جي تعمير، سارڪ بلڊنگ اسلا?? آباد ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ جو قيام، اين ايس پي پي لاهور جي اداراجاتي استحڪام ۽ ٽريننگ ۽ ريسرچ فنڪشنز جو فروغ ۽ سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس آفيسرز جي تربيتي سرگرمين جي فروغ جون اسڪيمون شامل آهن جن جي لاءِ ترتيبوار 35.64 ملين ??پي??، 8 ملين ??پي??، 59.8 ملين ??پي??، 403.48 ملين ??پي??، 112.43 ملين ??پي?? رکيا ويا آهن. اسٽيبلشمينٽ ڊو??زن جي نئين اسڪيمن ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ ۾ اڪيڊمڪ بلاڪس جي اپ گريڊيشن ۽ سيڪيورٽي قدمن، اين سي آر ڊي ڪمپليڪس (فيز – 3) چڪ شهزاد اسلا?? آباد جي اپ گريڊيشن ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ پشاور ۾ آڊيٽوريم جي تعمير شامل آهي جن جي لاءِ ترتيبوار 64.6 ملين ??پي??، 35.99 ملين ??پي?? ۽ 120 ملين ??پي?? رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن نئين اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪا??و 309.72 ملين ??پي?? لڳايو ويو آهي.
پي ايس ڊي پي تحت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي 8 اسڪيمن جي لاءِ 840 ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس