اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڀارت ج?? غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀي??رن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ترجمان چيو ته رمضان جي مقدس مهيني جي پڄاڻي تي ا??ان کي ڀارت ج?? غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀي??رن کي ياد رکڻ گهرجي. هن مقدس مهيني دوران به قابض ڀارتي عملدارن مذهبي آزادي تي پابنديون لڳائي رکيون آهن، گذريل هفتي قابض عملدارن ڪشميرين کي سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز جي ??دا??يگي کان روڪي ڇڏيو، اهڙي طرح 27 رمضان المبارڪ جي مقدس رات تي ملهائي ويندڙ شب قدر جي موقعي تي مسجدن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري مقرر هئي. ترجمان چيو ته ا??ان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي ڪشميرين تي هنيل پابندين کي ختم ڪن جيڪي انهن کي آزادي ??ان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ا??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀي??رن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين.
ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی