اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بهتر ٿئي ها ته لاڏلي ??هروپيي کي شيرواني پارائي وزيراعظم هائوس ۾ ويهاري ڇڏين ها، قوم جو وقت ۽ پئسو بچي وڃي ها. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ??ڪث??يتي ججن جي رد ڪيل ڪيس ۾ فيصلو غيرآئيني آهي، آئين تي اناءَ جو حاوي ٿيڻ ملڪ جي لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندو آهي، ناقابل عمل حڪم سان سياسي ۽ آئيني بحران وڌيڪ گهرو ٿيندو. هن چيو ته هي فيصلو سپريم ڪورٽ جي ججن جي ??ڪث??يت جي فيصلن سان ٽڪراءُ آهي، 2017ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي ن??اه??ي جي غيرآئيني فيصلي سان ملڪ ۾ اڄ تائين آئيني، سياسي ۽ معاشي بحران آهي، خميازو عوام ڀوڳي رهي آهي. جڏهن سازش بي نقاب ٿئي ٿي ته دير ٿي چڪي هوندي آهي، 6 سالن کانپوءِ ٻيهر سهولتڪاري قبول نه آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا