اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري ??فاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسان جو پختو يقين آهي ته ڪشميري ??نهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا. يوم يڪجهتي ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ 5 فيبروري کي اسان پنهنجي ??شميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري ??ارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ اڻٽر ايڪتا جو اظهار ڪريون ٿا، هن چيو ته اهو ضروري آ??ي ته ڪشميري گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي حق خود اراديت جو استعمال ڪن. هن چيو ته هي ڏينهن حڪومت پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پنهنجي ??شميري ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ پوري دنيا جي سامهون اهو ثابت ڪري ??و ته اسان والاريل ڄمون ڪشمير جي پراڻي تڪرار کي وسارڻ نه ڏينداسين، گهرو وزير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? قراردادن موجب والاريل ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ پنهنجي ??شميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو، اسان جو پختو يقين آهي ته ڪشميري ??نهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا. ڪشمير جي هن ڏينهن جي موقعي تي اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين، منظم ۽ رياستي سرپرستي ۾ ٿيل ڀڃڪڙين کي فوري طور تي روڪي ۽ عالمي تنظيمن کي والاريل علائقي تائين بنا رنڊڪ جي پهچ ڏي. اڄ اهو ضروري آ??ي ته ڪشميري ??وم جي حالت تي روشني وڌي وڃي ۽ سفاڪ ڀارتي نيم فوجي دستن جي هٿان انساني حقن جي ??يانڪ ڀڃڪڙين تي به روشني وڌي وڃي، ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي.
پختو يقين آهي ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا: گهرو وزير راڻا ثناءُ الله
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha