اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪابينا جي اجلاس جي شروع ۾ وز??راعظم شهباز شريف سمورن وفاقي وز??رن جا پنهنجي بيماري دوران عيادت، نيڪ خواهشن ۽ صحتيابي لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيا. وز??راعظم ناڻي واري وفاقي وز??ر، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وز??ر، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن، موسمياتي تبديلين واري وز??ر، مواصلات واري وز??ر، توانائي واري وز??ر، اين ڊي ايم اي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي ٻو?? سٽيل علائقن ۾ متاثرين جي لاءِ ريليف ۽ بحالي جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وز??راعظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ ۾ نقصانن کي عالمي فورم ڪوپ 27 ۾ ڪاميابي سان اجاگر ڪ??ڻ تي پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب ۽ موسمياتي تبديلين واري وز??ر شيري رحمان جي ڪوششن کي خاص طور تي ساراهيو. وز??راعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي عالمي برادري پاران نقصانن ازالي لاءِ مدد جي خاطري ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن خطرن ۾ ورتل ملڪن ??ي لاءِ لاس اينڊ ڊيميجز فنڊ قائم ڪرڻ کي پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي وڏي فتح قرار ڏنو. ڪابينا وز??راعظم جي سيڪريٽري سيد توقير شاهه جي والده جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ان کانسواءِ ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي مغفرت لاءِ دعا به ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری