اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و آهي ته و??ير??عظم اڄ بزنس ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ويزن ڪاروباري برادري آڏو پيش ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته و??ير??عظم شهباز شريف اڄ بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. بزنس ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان ڪاروباري برادري شرڪت ڪري رهي آهي. و??ير??عظم ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي اهم مشاورت پڻ ڪندو. هن چيو ته زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتون ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن. هن چيو ته و??ير??عظم ڪانفرنس ۾ ميثاق معيشت جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. و??ير??عظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويزون وٺندو ۽ پنهنجي حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته و??ير??عظم ڪانفرنس ۾ ملڪ کي درپيش معاشي مسئلن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ان کانسواءِ و??ير??عظم مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ بجيٽ تجويزون پڻ حاصل ڪندو. هن چيو ته و??ير??عظم شهباز شريف جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر طبقو ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته و??ير??عظم اهڙو پاڪستان ٺاهڻ چاهي ٿو جتي شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر هجن، زندگي جي تلخين کان ڇوٽڪارو ملي ۽ انهن کي هڪ بهتر زندگي ملي.
وزيراعظم بزنس ڪانفرنس ۾ معاشي ترقي لاءِ پنهنجو ويزن ڪاروباري برادري آڏو پيش ڪندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج