اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي ا??لاس ۾ مداخلت نه ٿيڻ ڏينداسين، لانگ مارچ ڪندڙن کي پ??رين ڪڏهن نه ??وڪيو نه ??ي آئنده روڪيو ويندو. مولانا فضل الرحمان جي لانگ مارچ جي ا??لان جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي، اجلاس ۾ مداخلت ٿيڻ نه ڏينداسين. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي ا??لاس لاءِ دعوت ناما موڪليا ويا آهن، اسلام آباد ۾ او آ3 سي ا??لاس پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، مخالف ڌر جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته مخالف ڌر چئي ٿي ته اسان وٽ نمبرز پورا آهن، نمبرز پورا آهن ته اسلام آباد ۾ ڌرڻن جي ڪهڙي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪي وزيراعظم قوم سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿو، جلسي جي ذريعي وزيراعظم عمران خان قوم کي ا??تماد ۾ وٺندو. هن چيو ته بي ا??تمادي رٿ جو مقابلو آئيني ۽ قانوني طريقي سان ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته سمورا ميمبر پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميداري کي چڱي ريت سمجهن ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته بي ا??تمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو آئيني حق آهي، بي ا??تمادي رٿ جو مقابلو ڪرڻ اسان جو آئيني جمهوري حق آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلزپارٽي لانگ مارچ ڪيو، حڪومت ڪٿي نه ??وڪيو، لانگ مارچ ڪندڙن کي آئنده به نه ??وڪيو ويندو.
او آءِ سي اجلاس ۾ مداخلت نه ٿيڻ ڏينداسين، لانگ مارچ ڪندڙن کي پهرين ڪڏهن روڪيو نه ئي آئنده روڪيو ويندو: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena