اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو آهي ته دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسو??يئ??شن (سي پي اي) جي سيڪريٽري جنرل اسٽيفن ٽوئگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسو??يئ??شن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي وقت?? چيئرپرسن ايان لڊل گرينجر، ايم اين اي شاندانه گلزار خان، قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري طاهر حسين، ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسو??يئ??شن جي ميمبر ايملي ڊيوس ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ فروغ ۾ پارليامينٽ جي ڪردار تي روشني وڌي. هن وفد کي عورتن جي حقن جي ت??فظ ۽ فروغ لاءِ پارليامينٽ پاران ڪيل ??انونسازي جي قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته عورتن جي مالي ۽ سماجي شموليت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته گڏيل ??ومن ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرامد نه ڪري سگهي، هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني ت??اون کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسو??يئ??شن جي ڪردار کي ساراهيو، ان موقعي تي اسٽيفن ٽوئگ صدر کي پاڪستاني ت??ليمي ماهرن، شاگردن ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن عورتن کي بااخيتار بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن کي به ساراهيو.
دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی