اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي چيو آهي ته عالمي ??رادري ڀارت پاران فصائي حدن جي خلاف ورزي جو نوٽيس ??ٺي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، نئين دهلي جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي جي حوالي ??ان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اهو ٻيو ڀيرو ا??ان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ٿي آهي، ان کان پهرين ماضي ۾ به 26 فيبروري تي ڀارت جارحيت ڪئي هئي ۽ پاڪستان ان کي مناسب ۽ وقت سر جواب ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته ا??ان ان حرڪت کي ڀارت جي ٽيڪنيڪي ناڪامي چئون، جارحيت چئون يا بدنيتي چئون. پاڪستان 2019ع ۾ به مدبراڻو رد عمل ڏنو، هن چيو ته هندستان جي حرڪت افسوسناڪ آهي، عالمي ??رادري کي ان حرڪت جو نوٽيس ??ٺڻ گهرجي. هن ان حرڪت ??ان معصوم جانين کي خطري ۾ وڌو آهي ايوي ايشن اٿارٽيز کي ان جو نوٽيس ??ٺڻ گهرجي. سعودي ايئر لائين جو جهاز، قطر ۽ پاڪستان جون ڊوميسٽڪ اڏامون ??شا??و بڻجي سگهيون ٿي ۽ معصوم ماڻهو ??شا??و بڻجي سگهيا ٿي، ا??ان فيصلو ڪيو آهي ته پي 5 ملڪن جي نمائندن کي پرڏيهي وزارت ۾ دعوت ڏئي، کين سڄي صورتحال کان آگاهه ڪريون، هن چيو ته ا??ان کي اميد آهي ته عالمي ??رادري ان جو نوٽيس ??ٺندي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، هندستان جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. شاهه محمود ق??يشي چيو ته ا??ان جارحيت جا قائل نه آهيون، پر دفاع ا??ان ڪالهه به ڪيو هو ۽ آئنده به ڪنداسين. اڀينندن جي چانهه اڃان ٿڌي ناهي ٿي لڳي ٿو ته کيس ??يهر ضرورت ٿي رهي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته هندستان جو رويو انتهائي غير ذميداراڻو آهي، هندستان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ڀارت 26 فيبروري 2019ع تي جارحيت ڪئي، حقيقتون سڀني جي سامهون اچي ويون، پر دنيا مصلحتن خاموش رهي، هن چيو ته ا??ان هندستان طرفان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي جا ٺوس ثبوت هڪ ڊوزيئر جي ذريعي عالمي ??رادري جي سامهون رکيا، ا??ان ڀارت جو اصلي چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ڪيو، مخدوم شاهه محمود ق??يشي چيو ته ا??ان جارحيت جا حامي نه آهيون، ا??ان هندستان سميت پنهنجي پاڙيسرين ??ان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، پر هندستان جو رويو ته ڏسو؟ والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جو سلسلو عروج تي آهي، سامونڊي ۽ دفاعي حدن جون خلاف ورزيون سڀني جي سامهون آهن، جڏهن ته ٻي طرف پاڪستان جو رويو سدائين مصالحاڻو ۽ مدبراڻو رهيو پر دفاع ا??ان جو حق آهي ۽ دفاع لاءِ پوري قوم تيار آهي.
عالمي برادري ڀارت پاران فصائي حدن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی