نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلاموفوبيا سميت نسل پرستي جي سڀني حاضر دور جي قسمن جي عروج ۽ پکيڙ خلاف ”عالمي اتحاد“ ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اهو مطالبو هن گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ ڊربن پڌرنامي ۽ پروگرام آف ايڪشن (ڊي ڊي پي اي) جي 20 هين سالگرهه جي حوالي سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻن ڏهاڪن کانپوءِ تاريخي دستاويزن نسل پرستي، نسلي امتياز ۽ لاڳاپيل عدم رواداري کي منه?? ڏيڻ لاءِ اڄ به هڪ جامع، نافذ العمل، عمل عالمي فريم ورڪ آهي . پرڏيهي وزير چيو ته هي موقعو آهي ته 2001ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي شهر ڊربن ۾ نسلي پرستي جي خلاف ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي نتيجن ت?? عملدرآمد تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو وڃي، هن چيو ته نسل پرستي اسان جي گڏيل انسانيت جي نفي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته نسلي نفرت، مذهبي بالادستي ۽ پرتشدد قومپرستي جو اظهار، سياسي ڌارا ۾ داخل ٿي چڪو آهي، هن چيو ته نيو نازي ازم ۽ ??ين پرتشدد قومپرست گروهن جي ٻيهر جنم وٺڻ کان وٺي سياستدانن جي نسل پرستاڻي ۽ زينو فوبڪ روين تائين، وسيع پئماني تي اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي نسلي ڪردار ڪشي کان وٺي آفريقي نسل جي ماڻهن جي خلاف امتيازي شهريت جي قانونن تائين، سڄي دنيا ۾ لکين م??ڻهن جي انساني وقار تي حملن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ت?? ڪورونا وبائي بيماري ان منفي روين کي وڌيڪ تيز ۽ نسلي امتياز کي سگهه ڏني آهي ۽ موجوده عدم مساوات کي بگاڙيو آهي، پرڏيهي وزير نسلي عدم مساوات تي ضابطو آڻڻ جي غرض سان 4 نڪاتي تجويزون پيش ڪندي چيو آهي ته 1. غلامي جي ازالي لاءِ اخلاقي، معاشي، سياسي ۽ قانوني ذميدارين ت?? عملدرآمد ضروري آهي. 2. سڀني لاڳاپيل رياستن پاران م??اوات کي يقيني بڻائڻ ۽ افريقي نسل جي ماڻهن ۽ امتيازي صورتحال کي منه?? ڏيندڙ ٻين م??لوم نسلي ۽ مذهبي گروهن جي معاشي بهتري لاءِ ايڪشن پلان کي اختيار ڪيو وڃي. 3 لاڳاپيل ملڪن ۾ قانون لاڳو ڪندڙن جي ثقاف??، پاليسين ۽ طريقن ۾ سڌارا ڪيا وڃن. 4 اسلامو فوبيا سميت نسل پرستي جي سڀني عصري قسمن جي عروج ۽ واڌ جي خلاف هڪ عالمي اتحاد بڻايو وڃي.
اسلاموفوبيا سميت نسل پرستي خلاف عالمي اتحاد ٺاهڻ جي ضرورت آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز