اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهيو آهي، ڪشمي??ين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس، پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشمير??ن جو ڪيس وڙهندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ??وا??ي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن. انهن ٻن سالن ۾ دنيا ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارت جي قابض فوج جو غيرمعمولي ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي ورتو آهي. دنيا ڪشمير??ن جي سڃاڻپ کي تباهه ڪرڻ ۽ آبادي جي تناسب کي طاقت جي ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کي پڻ ڏسي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ آر ايس ايس جي هندتوا نظريي جو تسلسل آهي، اڄ ڀارت پنهنجي جابراڻي قدمن ۽ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهيو آهي جيڪو سمورن عالمي قانونن ۽ قدرن جي خلاف ورزي آهي. وزيراعظم چيو ته مون عالمي فورمن تي ڪشمير??ن جو آواز اٿاريو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمي??ين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس. هن چيو ته پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشمير??ن جو ڪيس وڙهندو رهندو ۽ انشاءَ الله ڪشمير??ن جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.
ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ