اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ??اڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم عمران خان فلمي شعبي جي بحالي کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، سندس ويزن آهي ته ملڪي ثقافت، روايتن ۽ مذهبي قدرن سان جڙي?? ڊراما ۽ فلمون ٺا??يون وڃن، اسان کي پاڪستان جو روشن چهرو پوري دنيا ۾ روشناس ڪرائڻو آهي. اسان فلمي صنعت کي درپِيش مسئلن جو چڱي ريت جائزو وٺي رهيا آهيون، سموريون لاڳاپيل ڌريون فلم پاليسي جو جائزو وٺن، مثبت تجويزن جي آجيان ڪنداسين، فلمي صنعت جي بحالي جي حوالي سان عمل قدم کنيا ويندا، ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت فوڪل پرسن مقرر ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي نون ??ونڊيل عهديدارن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔